حضرت بابا بُلهي شاهه

حضرت بابا بُلهي شاهه

حضرت بابا بُلهي شاهه

حضرت بابا بُلهي شاهه (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت بابا بُلهي شاههرح جي سوانح ۽ سندس چونڊ ڪلام تي مشتمل آهي، عبدالجبار ’عبد‘ مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ فهرست کانپوءِ هڪ صفحي تي بُلهي شاهه جي شبيهه ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نوجوان ليکڪ وحيد محسن ۽ پيش لفظ عبدالجبار ’عبد‘ جو لکيل آهي.ڪتاب ۾حضرت بُلهي شاهه جي تفصيلي سوانح حيات ڏني وئي آهي، جنهن کي هيٺين بابن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) حضرت بابا بُلهي شاهه، خاندان ۽ ولادت، (2) ننڍپڻ، (3) اُچ شريف مان لڏي وڃڻ، (4) حليو، تعليم ۽ تربيت، (5) بُلهي شاهه جي اُستاد حافظ غلام مرتضيٰ جو مختصر تعارف، (6) قصور شهر جو مختصر تعارف، (7) خواب ۾ پنهنجي خاندان جي وڏي ڏاڏي سان ملاقات، (8) مرشد وٽ حاضري، (9) بلهي شاهه جي مرشد شاهه عنايت قادريءَ جو مختصر تعارف، (10) مرشد طرفان عبادت ۽ رياضت جو حڪم ۽ پانڊوڪيءَ ۾ واپس اچڻ، (11) سک سپاهيءَ کي پانڊو خان جي ماڻهن کان ڇڏائڻ، (12) چوڌري پانڊو ۽ ٻين جو بُلهي شاهه کي واپس آڻڻ لاءِ دفتوه وڃڻ، (13) ڳوٺ پانڊوڪيءَ جو سکن جي هٿان تباهه ٿيڻ، (14) مرشد طرفان قصور وڃڻ، (15) رُٺل يار کي پرچائڻ لاءِ گواليار جو سفر اختيار ڪرڻ ۽ مرشد سان محبت، (16) بُلهي شاهه جي ڪلام ۽ سوانح بابت ڪتاب، (17) وفات بُلهي شاهه جي شاعريءَ تي هڪ نظر، (18) بُلهي شاهه جي ڪلام ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جو ترجمو. ان کان سواءِ ڪتاب جا ماخذ به ڄاڻايل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ِ حضرت بُلهي شاهه جو چونڊ ڪلام ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪافين، ڏوهيڙن، سه حرفين، ڳنڍ، اَٺَ وارَ ۽ ٻارهن مهينا جهڙِين صنفن وغيره تي مشتمل آهي. 121 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 25 رپيا آهي، جنهن کي منظور بڪ اسٽور شڪارپور 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو